ڏاج  ڏيج

ڏاج ڏيج

ڏاج ڏيج

ڏاج/ ڏيج: شاديءَ وقت ڪنوار توڙي گھوٽ کي مائٽن پاران گھريلو سامان، زيور، ڪپڙا ۽ ضرورت جو ٻيو سامان ڏنو ويندو آهي، جنهن کي ڏاج چيو وڃي ٿو. ڏاج ڏيڻ سنڌ جي قديم روايت آهي، سرنديءَ وارا ماڻهو پنهنجي ڌيءُ جي پرڻجڻ تي کيس گھريلو استعمال جي هر شيءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن شاديءَ کانپوءِ وٽس استعمال جي هر شيءِ دستياب هجي. جڏهن ته غريب ماڻهو پنهنجي پهچ آهر ڏاج ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندا آهن يا ته وري ڪٿي ڪٿي ڏيندا ئي ڪو نه آهن. هيءَ روايت سنڌ سميت ڏکڻ ايشيا جي اڪثر ملڪن ۽ دنيا جي مڙني مسلمان ملڪن ۾ نڀائي وڃي ٿي.
اسان جي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي نياڻي بيبي فاطمة الزهريٰ رضه کي هڪ مصلو، کجيءَ جي کاٻر سان ڀريل وهاڻو، مٽيءَ جو پيالو، جنڊ ۽ کجيءَ جي توري ڏاج ۾ ڏني هئي. وقت گذرڻ سان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ فرق اچي چڪو آهي. اهڙيءَ ريت هن وقت ڏاج جي رسم خاص طور غريب گھراڻن لاءِ وبال بڻيل آهي. ڏاج ڏيڻ پويان رشتن جي تقدس ۽ سماجي طور نئين وهانءُ ڪندڙ جوڙي کي ٻين ماڻهن سان همسري ڪرائڻ وارو مقصد هوندو آهي، پر ان کي هن وقت ڪن هنڌن تي ملڪيت جي هَوَس لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.
هندستان ۾ خاص ڪري هندو مذهب وارا مهانگي ۽ گهڻي ڏاج ڏيڻ واري رسم مان لاچار آهن. اڪثر ماڻهو ڏيکاءَ لاءِ ڌيئرن کي سون چانديءَ سميت ضرورت جي هر ننڍي وڏي شيءِ توڙي روڪ رقم به ڏيندا آهن. هندو سماج ۾ اڪثر گهوٽيتا، ڪنواريتن کي فرمائشون ڪري ڏاج يا ڪٿي روڪ رقم جي به گهُر ڪن ٿا. انهيءَ سان اڪثر غريب ڪنواريتا قرض کڻي مجبوريءَ مان ڏاج ڏيڻ عيوض ڪنگال ٿي وڃن ٿا ته ڪٿي وري اڻهوند سبب ڪيتريون نياڻيون رشتن جي انتظار ۾ عمر وڃائي ويهن ٿيون. اڄڪلهه مذهبي توڙي سماجي اڳواڻ ڏاج جي انهيءَ قسم جي انداز تي تنقيد ڪن ٿا. اسان جي سماج ۾ به ڏاج ۾ هر قسم جي سامان خريدڻ کي فيشن سمجهيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اهو سڀ ڏيکاءُ جي زمري ۾ اچي ٿو. شاديون سادگيءَ سان به ٿي سگهن ٿيون.
سنڌ ۾ آڳاٽي دؤر ۾ گھڻي ڏاج ڏيڻ جو رواج ڪو نه هو، اڪثر گھوٽيتا ٻئي مٿا کڻندا هئا. مائٽ ڇوڪريءَ کي ذاتي ضرورت جون شيون ڏيندا هئا، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ست وڳا ڪپڙن جا ۽ ڪو سنهو ٿلهو ڳهه هوندو هو، ان کان سواءِ هڪ بسترو يا هنڌ ۽ ٻه ٽي باسڻ هوندا هئا. پر هندستان ۾ رائج رسمن جي اثر سبب هاڻي ڪنواريتا گھڻو ڏاج ڏيڻ تي مجبور آهن. هيءَ رسم شادي وارن ڏينهن ۾ نڀائي ويندي آهي، جنهن دوران ڏاج جو نماءُ به ڪيو ويندو آهي. گھڻو ڪري نڪاح کانپوءِ يا ڪجهه علائقن ۾ لانئن جي رسم کان اڳ ڏاج ڏيکاريو ويندو آهي. ڏاج ڏيکارڻ لاءِ ڳوٺ يا خاندان جي عورت کي مقرر ڪيو ويندو آهي. لاڙ ۽ ٿر جي پاسي ڪنجھي جو وٽو (جيڪي هاڻ اسٽيل جا اچن ٿا)، ڏاج ۾ ڏيڻ ضروري سنؤڻ سمجھيو وڃي ٿو. ڇو ته سنڌيءَ جو پهاڪو آهي ته فلاڻي ماڻهوءَ جي گھر ۾ وٽو به ڪونهي. گھوٽيتا توڙي ڪنواريتا ڪوشش ڪري ڏاج جي ڪپڙن ۾ اهڙا رنگ وٺڻ کان پاسو ڪندا آهن، جيڪي ڏک ۾ پاتا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو